طارق بن زياد جي خيالي تصوير

طارق بن زياد جي خيالي تصوير

طارق بن زياد

طارق بن زياد: مشهور مسلمان جرنيل بن زياد'>طارق بن زياد قئير تفنا موجوده الجيريا ۾ 670ع ڌاري ڄائو. سندس واسطو الجيريائي برير قوم سان هو. هن جرنيل 711ع ۾ هسپانيه (اسپين) جي مسيحي حڪومت تي قبضو ڪرڻ سان يورپ ۾ مسلم اقتدار جو آغاز ڪيو. کيس تاريخ ۾ بن زياد'>طارق بن زياد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ابتداءَ ۾ هي اموي صوبي آفريڪا جي گورنر موسيٰ بن نصير جو نائب هو، جنهن کيس هسپانيه ۾ وزيگوٿ جي بادشاهه جي ظلمن کان تنگ عوام جي مطالبي تي هسپانيه تي حملي جو حڪم ڏنو. اهو حڪم خليفي وليد پهرئين (وفات 25 فيبروري 715ع) ڏنو هو.
30 اپريل 711ع تي طارق پنهنجي فوج سميت اسپين جي سر زمين ’جبل الطارق‘ (جبرالٽر) تي درياهه رستي پهتو، جتي هن سڀني ٻيڙين کي ساڙڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن سندس فوج ڪنهن به حالت ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪري. هن پنهنجي 7 هزار جي مختصر فوجي لشڪر سان جنگ جو آغاز ڪيو ۽ نيٺ 19 جولاءِ تي واديءِ لڪه ۾ وزيگوٿ حڪمران لذريق جي هڪ لک جي لشڪر کي بدترين شڪست ڏنائين. فتح کانپوءِ بن زياد'>طارق بن زياد ڪنهن مزاحمت کانسواءِ دارالحڪومت طليطله تي قبضو ڪيو. کيس هسپانيه جو گورنر مقرر ڪيو ويو مگر جلد ئي دمشق واپس گهرايو ويو ۽ مٿس ڪيترائي الزام لڳا جنهن جي ڪري هن ماهر جرنيل کي 720ع ڌاري ڦاسي ڏني وئي. تاريخ ۾ ناهي ڄاڻايل ته مٿس ڪهڙا الزام لڳا هئا.


لفظ طارق بن زيادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو